آمريڪي صدر جو ايلچي اسٽيووٽڪوف ۽ ناٺي جيئرڊڪشنر 10 مارچ تي اسرائيل جو دورو ڪندا

واشنگٽن -09 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ايلچي اسٽيووٽڪوف ۽ سندس ناٺي جيئرڊڪشنر اڱارو 10 مارچ تي اسرائيل جو دورو ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻئي آمريڪي نمائندا اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان ملاقات ڪندا. واضح رهي ته اسٽيووٽڪوف ۽ جيئرڊڪشنر ان کان اڳ 24 جنوري تي اسرائيل جو دورو ڪيو هو. ان دوري ۾ هن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان غزه ۾ جنگ بندي …

واشنگٽن -09 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ايلچي اسٽيووٽڪوف ۽ سندس ناٺي جيئرڊڪشنر اڱارو 10 مارچ تي اسرائيل جو دورو ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻئي آمريڪي نمائندا اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان ملاقات ڪندا. واضح رهي ته اسٽيووٽڪوف ۽ جيئرڊڪشنر ان کان اڳ 24 جنوري تي اسرائيل جو دورو ڪيو هو. ان دوري ۾ هن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان غزه ۾ جنگ بندي بابت آمريڪي منصوبي جي 20 نقطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.