سيڪريٽري جنرل کي ميمبر ملڪن جو اعتماد حاصل هجڻ گهرجي: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو نائب مستقل نمائندو عثمان جدون

گڏيل قومون -09 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ عمل دوران عالمي اصولن جي محافظ طور گڏيل قومن جي سربراهه جي ڪردار کي اجاگر ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس  دوران چيو ته سيڪريٽري جنرل کي ميمبر ملڪن جو اعتماد حاصل هجڻ گهرجي ۽ هو ڪمزور طبقن جو آواز …

گڏيل قومون -09 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ عمل دوران عالمي اصولن جي محافظ طور گڏيل قومن جي سربراهه جي ڪردار کي اجاگر ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس  دوران چيو ته سيڪريٽري جنرل کي ميمبر ملڪن جو اعتماد حاصل هجڻ گهرجي ۽ هو ڪمزور طبقن جو آواز ۽ عالمي اصولن جي محافظ طور ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي چونڊ عالمي اداري لاءِ نهايت اهم فيصلو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عهدو اداري جي ساک، اثرائتي هجڻ ۽ اخلاقي اختيار تي سڌي ريت اثر انداز ٿئي ٿو. گڏيل قومن جي موجوده سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جو ٻيو پنجن سالن وارو مدو 31 ڊسمبر 2026ع تي ختم ٿي ويندو جنهن بعد نئين سربراهه جي چونڊ ڪئي ويندي.