سنگاپور-09 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملي سبب وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي صورتحال ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڏي اضافي سبب ايشيائي اسٽاڪ ايڪسچنجز ۾ گذريل ڏينهن شديد ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ اڪثر وڏا انڊيڪس گهٽجي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ايشيا جي وڏين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ نمايان ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي جتي خطي جا …
ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شديد ٻاڙائي، اڪثر وڏا انڊيڪس گهٽجي ويا
سنگاپور-09 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملي سبب وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي صورتحال ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڏي اضافي سبب ايشيائي اسٽاڪ ايڪسچنجز ۾ گذريل ڏينهن شديد ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ اڪثر وڏا انڊيڪس گهٽجي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ايشيا جي وڏين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ نمايان ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي جتي خطي جا اڪثر اهم انڊيڪس ناڪاري رجحان سان بند ٿيا ۽ سيڙپڪارن ۾ غير يقيني صورتحال سبب وڪري جو دٻاءُ وڌي ويو. جاپان جو نڪي 225 انڊيڪس سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو جيڪو 5.84 سيڪڙو (3249.30 پوائنٽس) جي گهٽتائي بعد 52371.54 جي سطح تي اچي ويو. فلپائن جو پي ايس آئي انڊيڪس به 5.54 سيڪڙو گهٽجي 5970.17 پوائنٽس تي بند ٿيو. ٿائيلينڊ جي ايس اي ٽي انڊيڪس ۾ 3.57 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ اهو 1360.06 پوائنٽس تي اچي ويو جڏهن ته آسٽريليا جو ايس اينڊ پي انڊيڪس 2.88 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 8823.60 پوائنٽس تائين گهٽجي ويو. ڀارت جي اسٽاڪ مارڪيٽ به دٻاءُ ۾ رهي جتي بي ايس اي سينسيڪس 2147.35 پوائنٽس گهٽتائي سان 76771.55 پوائنٽس تي پهچي ويو ويو جيڪو 2.72 سيڪڙو گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو. هانگ ڪانگ جو هينگ سينگ انڊيڪس به 2.44 سيڪڙو گهٽتائي سان 25127.64 پوائنٽس تي بند ٿيو. انڊونيشيا جي جڪارته ڪپوزٽ انڊيڪس ۾ 1.62 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته چين جو شنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس گهٽ متاثر ٿيو ۽ 0.88 سيڪڙو گهٽتائي سان 4،088.10 پوائنٽس تي بند ٿيو.











