بلوچستان جي عورتن جي همت، صلاحيت ۽ عزم صوبي جي روشن مستقبل جو ضمانت آهي: مير سرفراز بگٽي

ڪوئٽا -08 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلوچستان جي بهادر، باصلاحيت ۽ باهمت عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اهي سموريون عورتون احترام جوڳيون آهن جيڪي هر قسم جي تڪليفن ۽ چئلينجز باوجود صوبي ۽ ملڪ جي خدمت ۾ مصروف آهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته بلوچستان …

ڪوئٽا -08 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلوچستان جي بهادر، باصلاحيت ۽ باهمت عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اهي سموريون عورتون احترام جوڳيون آهن جيڪي هر قسم جي تڪليفن ۽ چئلينجز باوجود صوبي ۽ ملڪ جي خدمت ۾ مصروف آهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته بلوچستان جون عورتون نه رڳو معاشرتي ۽ گهريلو ذميواريون سٺي انداز ۾ نڀائي رهيون آهن پر زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي صوبي جي ترقي ۽ استحڪام ۾ اهم حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته اهي عورتون جيڪي تڪليفن کي منهن ڏيندي امن ۽ ترقي جي رستي کي اختيار ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيون آهن، اهي اسان جي معاشري جو فخر آهن ۽ اهڙي طرح اهي عورتون جيڪي پوليس ۽ هٿياربند فوج ۾ شاڪل ٿي پنهنجون صلاحيتن کي مڃائي رهيون آهن ۽ پاڪستان جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، سڄي قوم انهن تي فخر ڪري ٿي. هن بلوچستان جي سمورين عورتن خاص ڪري شاگردياڻين، ڀينرن ۽ مائرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪن ۽ اڳتي وڌن، بلوچستان جي حڪومت هر قدم تي ساڻن گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته حڪومت عورتن لاءِ تعليمي وظيفا، پنڪ بس سروس، پنڪ اسڪوٽيز ۽ ٻين فلاحي پروگرامن ذريعي سندن لاءِ ترقي جا دروازا کولي رهي آهي ۽ اسان يج خواهش آهي ته بلوچستان جون نينگريون دنيا جي بهترين يونيورسٽين تائين پهچ حاصل ڪن، اعليٰ تعليم حاصل ڪن ۽ باوقار ۽ ڪامياب مستقبل جو بنياد رکن.