اوسلو -08 مارچ (اي پي پي) ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾ آمريڪي سفارتخاني ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو ، پر واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو ڪو به اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا موجب اوسلو جي اولهه واري حصي ۾ گذريل ڏينهن صبح جو سوير ان وقت شديد خوف ۽ هراس پکڙجي ويو جڏهن ته آمريڪي سفارتخاني ويجهو هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو جنهن بعد پوليس …
ناروي ۾ آمريڪي سفارتخاني ويجهو زوردار ڌماڪا
اوسلو -08 مارچ (اي پي پي) ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾ آمريڪي سفارتخاني ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو ، پر واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو ڪو به اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا موجب اوسلو جي اولهه واري حصي ۾ گذريل ڏينهن صبح جو سوير ان وقت شديد خوف ۽ هراس پکڙجي ويو جڏهن ته آمريڪي سفارتخاني ويجهو هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو جنهن بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. اوسلو پوليس پاران جاري ڪيل هڪ هنگامي بيان ۾ چيو ويو آهي، ته مقامي وقت مطابق رات جو هڪ وڳي ٿيل ان پراسرار ڌماڪي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي هن وقت تائين ان ۾ ملوث ڪنهن گروپ يا فرد جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي.











