سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان يوڪرين جي صدر ۽ هسپانوي وزيراعظم جو ٽيليفونڪ رابطو

رياض -08 مارچ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۽ اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي تي انهن جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سعودي عرب جي سر زمين جي تحفظ لاءِ …

رياض -08 مارچ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۽ اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي تي انهن جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سعودي عرب جي سر زمين جي تحفظ لاءِ قدمن جي حمايت ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. اسپين جي وزيراعظم سعودي عرب جي سلامتي ۽ خودمختياري کي درپيش ڪنهن به خطري کي رد ڪرڻ تي زور ڀريو. هنن هر قدم جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي جيڪو سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ کنيو ويندو.