گڏيل قومون -08 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي، ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب خطي م خراب ٿيندڙ صورتحال ضابطي کان ٻاهر ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته جنگ سبب شهري آبادي جي ڏکيائين ۽ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي خدشن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي اداري مطابق ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي بمباري کان پوءِ …
وچ اوڀر ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال ضابطي مان نڪري سگهي ٿي: انتونيو گوتريش
گڏيل قومون -08 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي، ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب خطي م خراب ٿيندڙ صورتحال ضابطي کان ٻاهر ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته جنگ سبب شهري آبادي جي ڏکيائين ۽ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي خدشن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي اداري مطابق ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي بمباري کان پوءِ شروع ٿيل ڇڪتاڻ کي 8 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ ان دوران سڄي وچ اوڀر ۾ جوابي حملن جو سلسلو جاري آهي، انساني همدردي جي تنظيمن لبنان ۾ وڏي پئماني تي افراتفري جي تصديق ڪئي آهي، جتي ڪيتريون ئي پناهه گاهون ڀرجي چڪيون آهن جڏهن ته بيروت جا سمورا پسگردائي وارا علائقا خالي ٿي چڪا آهن. جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس (او ايڇ سي ايڇ آر) جي ترجمان روينه شمداساني ٻڌايو ته ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوج جون زميني ڪارروائيون، بيروت جي ڏکڻ وارن پاسان، بقاع جي علائقي ۽ ليتاني درياهه جي ڏکڻ ۾ واقع سمورن علائقن لاءِ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جا حڪم ۽ ملڪ جي مختلف حصن تي مسلسل هوائي حملن سبب اڳ ئي ٿڪيل شهري آبادي لاءِ وڌيڪ ڏکيائين ۽ تڪليفن جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته صورتحال ڪنهن جي به ضابطي مان نڪري سگهي ٿي انهي لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ويڙهه بند ڪئي وڃي ۽ سنجيده سفارتي ڳالهيون شروع ڪيون وڃن.











