بنا جواز پيٽرول پمپ بند ڪرڻ، ذخيره اندوزي يا بليڪ مارڪيٽنگ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي: آغا شير زمان

لاڙڪاڻو-07  مارچ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان موجوده پيٽرول صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس جي نگراني جو عمل وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ضلعي انتظاميه پاران پمپ مالڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو عوام کي بنا رڪاوٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي فراهمي يقيني بڻائن. بنا جواز پيٽرول …

لاڙڪاڻو-07  مارچ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان موجوده پيٽرول صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس جي نگراني جو عمل وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ضلعي انتظاميه پاران پمپ مالڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو عوام کي بنا رڪاوٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي فراهمي يقيني بڻائن. بنا جواز پيٽرول پمپ بند ڪرڻ، ذخيره اندوزي يا بليڪ مارڪيٽنگ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ لاڳاپيل پيٽرول پمپ کي سيل ڪرڻ سميت سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور پاران تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي وڌيڪ هدايت جاري ڪئي وئي آهي، ته ضلعي جي مڙني پيٽرول پمپس جي باقاعده چيڪنگ ڪئي وڃي ۽ ذخيره اندوزي يا هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.