تهران -07 مارچ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان ايران پاران خطي جي پاڙيسري ملڪن خلاف حملن تي معذرت ڪندي چيو آهي ته انهن پاڙيسري ملڪن سان معذرت ڪيان ٿو جن تي حملا ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي صدر چيو ته ايران انهن حملن کي روڪيندو ۽ هن بڌايو ته اهي حملا فوجي رينڪس ۾ غلط فهمي سبب ٿيا. ايران جي صدر جو اهو …
پاڙيسري ملڪن تي حملا نه ڪنداسين، جيستائين اسان کي نشانو نه بڻايو ويو: ايران
تهران -07 مارچ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان ايران پاران خطي جي پاڙيسري ملڪن خلاف حملن تي معذرت ڪندي چيو آهي ته انهن پاڙيسري ملڪن سان معذرت ڪيان ٿو جن تي حملا ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي صدر چيو ته ايران انهن حملن کي روڪيندو ۽ هن بڌايو ته اهي حملا فوجي رينڪس ۾ غلط فهمي سبب ٿيا. ايران جي صدر جو اهو بيان گذريل ڏينهن صبح جو بحرين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات تي ڪيترائي ڀيرا حملن کان پوءِ سامهون آيو آهي، سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ خطاب ۾ مسعود پز شڪيان چيو ته آئُون انهن پاڙيسري ملڪن سان معذرت ٿون ڪيان جن تي ايران حملا ڪيا. هِن چيو ته ايران پاڙيسري ملڪن تي ايستائين حملا نه ڪندو جيسائين کيس نشانو نه بڻايو ويندو، ايران جي صدر مسعود پز شڪيان چيو ته عبوري ليڊرشپ ڪائونسل پاڙيسري ملڪن خلاف ڪي به حملا يا ميزائيل حملا نه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو ان پس منظر ۾ آيو آهي جڏهن ايران خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي رد عمل طور ڪارروائيون جاري رکيون آهن.











