واشنگٽن -07 مارچ (اي پي پي) آمريڪا آبنائي هرمِز مان گذرندڙ جهازن ۽ آئل ٽينڪرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي توانائي واري وزير ڪرس رائيٽ چيو آهي، ته آمريڪي سامونڊي ٻيڙو جلد آبنائي هرمِز مان گذرندڙ واپاري جهازن ۽ آئل ٽينڪرن کي حفاظت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته جيئن ئي حالتون مناسب ٿينديون، اسان آبنائي هرمِز مان گذرندڙ جهازن …
آمريڪا پاران آبنائي هرمِز مان گذرندڙ جهازن ۽ آئل ٽينڪرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو اعلان
واشنگٽن -07 مارچ (اي پي پي) آمريڪا آبنائي هرمِز مان گذرندڙ جهازن ۽ آئل ٽينڪرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي توانائي واري وزير ڪرس رائيٽ چيو آهي، ته آمريڪي سامونڊي ٻيڙو جلد آبنائي هرمِز مان گذرندڙ واپاري جهازن ۽ آئل ٽينڪرن کي حفاظت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته جيئن ئي حالتون مناسب ٿينديون، اسان آبنائي هرمِز مان گذرندڙ جهازن کي سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين ته جيئن توانائي جي فراهمي ٻيهر شروع ٿي سگهي.











