گڏيل قومون -07 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڪينيا سان تعلق رکندڙ سينئر سفارتڪار مونيڪا ڪيٿيناجوما کي گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن واري اداري (يو اين او ڊي سي) جي نئين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مونيڪا جوما ويانا ۾ قائم گڏيل قومن جي آفيس جي سربراهه طور ذميواريون …
ڪينيا جي سينئر سفارتڪار گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن واري اداري جو نئون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر
گڏيل قومون -07 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڪينيا سان تعلق رکندڙ سينئر سفارتڪار مونيڪا ڪيٿيناجوما کي گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن واري اداري (يو اين او ڊي سي) جي نئين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مونيڪا جوما ويانا ۾ قائم گڏيل قومن جي آفيس جي سربراهه طور ذميواريون به سنڀاليندي. هو ان عهدي تي مصر جي اڳوڻي سربراهه غزه فتح والي جي جاءِ تي ڪم ڪندي. بيان موجب مونيڪا جوما هن وقت ڪينيا جي صدر جي قومي سلامتي جي مشير ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن کي پبلڪ پاليسي، سفارتڪاري، سلامتي ۽ گورننس جي شعبن ۾ وسيع تجربو حاصل آهي.











