وچ اوڀر جي صورتحال بي قابو ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون

گڏيل قومون -07  مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي بي قابو ٿي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاري بيان ۾ هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ويڙهه بند ڪري سنجيده سفارتي ڳالهين جي شروعات ڪئي وڃي. هن چيو ته خطي ۾ جاري غيرقانوني حملا نه رڳو وڏي پئماني تي انساني نقصان …

گڏيل قومون -07  مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي بي قابو ٿي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاري بيان ۾ هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ويڙهه بند ڪري سنجيده سفارتي ڳالهين جي شروعات ڪئي وڃي. هن چيو ته خطي ۾ جاري غيرقانوني حملا نه رڳو وڏي پئماني تي انساني نقصان جو سبب بڻجي رهيا آهن پر عام شهري سخت تڪليفن جو شڪار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته وچ اوڀر ۽ ان کان ٻاهر اهي ڪارروائيون عالمي معيشت لاءِ به سنگين خطرو بڻجي سگهن ٿيون. خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي اڳ ئي ڪمزور معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سربراهه زور ڀريو ته موجوده حالتون انتهائي حساس آهن ۽ جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته  ان جا نتيجا عالمي سطح تي وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا.