جنگ نٿا چاهيون، خودمختياري ۽ عوام جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻنداسين: ايران جو گڏيل قومن ۾ خطاب

گڏيل قومون -07  مارچ (اي پي پي)ايران چيو آهي، ته هو جنگ نٿو چاهي، جڏهن ته پنهنجي خودمختياري ۽ عوام جي دفاع لاءِ هر ضروري قدم کڻندو. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني چيو آهي، ته ايران تي ٿيندڙ آمريڪي ۽ اسرائيلي هوائي حملن ۾ هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 1332 ايراني شهري شهيد ٿيا آهن جڏهن ته هزارين زخمي به آهن، جن …

گڏيل قومون -07  مارچ (اي پي پي)ايران چيو آهي، ته هو جنگ نٿو چاهي، جڏهن ته پنهنجي خودمختياري ۽ عوام جي دفاع لاءِ هر ضروري قدم کڻندو. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني چيو آهي، ته ايران تي ٿيندڙ آمريڪي ۽ اسرائيلي هوائي حملن ۾ هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 1332 ايراني شهري شهيد ٿيا آهن جڏهن ته هزارين زخمي به آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ايران جي سفير انهن حملن کي جنگي ڏوهه ۽ انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏيندي چيو ته انهن ڪارروائين جو مقصد شهري آبادي ۾ خوف پکيڙڻ ۽ وڌ کان وڌ تباهي ڦهلائڻ آهي. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ 180  کان وڌيڪ ٻار شهيد ٿيا جڏهن ته 20 کان وڌيڪ اسڪولن کي نقصان پهتو آهي. انهن انگن اکرن جو حوالو هن ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي رپورٽ مان ڏنو. ايران جي نمائندي موجب آمريڪا ۽ اسرائيل سڄي ايران ۾ شهري آبادي ۽ بنيادي شهري ڍانچي  کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڳٿيل آبادين جي رهائشي علائقن ۽ اهم شهري ٺڪاڻن تي بنا جواز حملا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته هن وقت تائين ملڪ ۾ 13 طبي مرڪزن کي به نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته خميس تي تهران سميت مختلف شهرن ۾ راندين ۽ تفريح وارن هنڌن تي به حملا ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 18 عورت رانديگرياڻيون شهيد ۽ اٽڪل 100  ماڻهو زخمي ٿيا. هن آمريڪا ۽ اسرائيل جي ان موقف کي رد ڪيو ته حملن جو هدف صرف فوجي ٺڪاڻا هو. هن چيو ته ايران گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندو رهندو ۽ ان جون جوابي ڪارروائيون قانوني، ضروري ۽  مناسب آهن جن جو صرف فوجي هدف آهي.  ايران جي سفير واضح ڪيو ته ايران جنگ نٿو چاهي، جڏهن ته پنهنجي خودمختياري ۽ عوام جي دفاع لاءِ هر ضروري قدم کڻندو. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور ڪارروائي ڪندي ان جارحيت کي روڪي جيڪا علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي.