آمريڪا پاران اسرائيل کي 12 هزار بم فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

واشنگٽن -07  مارچ (اي پي پي) آمريڪا، اسرائيل کي 12 هزار بم فراهم ڪرڻ منظوري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو ته هن اسرائيل لاءِ امڪاني پرڏيهي فوجي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ 12 هزار هوائي بم  ۽ لاڳاپيل مددگار خدمتون شامل آهن. پرڏيهي کاتي جي بيان موجب ان سودي جي ماليت اتڪل 151.8 ملين آمريڪي ڊالر آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، …

واشنگٽن -07  مارچ (اي پي پي) آمريڪا، اسرائيل کي 12 هزار بم فراهم ڪرڻ منظوري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو ته هن اسرائيل لاءِ امڪاني پرڏيهي فوجي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ 12 هزار هوائي بم  ۽ لاڳاپيل مددگار خدمتون شامل آهن. پرڏيهي کاتي جي بيان موجب ان سودي جي ماليت اتڪل 151.8 ملين آمريڪي ڊالر آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اهو فيصلو ڪيو ته ان هنگامي وڪري جي فوري ضرورت آهي ۽ ان لاءِ قومي سلامتي جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪانگريس جي جائزه جاري جي شرطن  کي معاف ڪيو ويو آهي. ان پئڪيج ۾ آمريڪي حڪومت ٺيڪيدارن پاران انجنيئرنگ، لاجسٽڪ ۽ فني مدد ۽ سپورٽ پروگرام کان علاوه ٻيون خدمتون به شامل آهن.