ڪولمبو-06 مارچ (اي پي پي)ڀارتي سامونڊي فوج سان گڏيل مشقون ڪندڙ ٻئي ايراني سامونڊي جهاز جي 204 ماڻهن کي سريلنڪا ڪولمبو بندرگاهه حفاظت سان منتقل ڪيو ويوآهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي بحريه پاران ٻڌايو ويو ته ايراني بحري جهاز جي 204 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪولمبو پورٽ پهچاويو ويو. بحريا جي ترجمان ٻڌايو ته ايراني بحري جهاز کي اوڀر واري بندرگاهه ٽرنڪومالي کڻي وڃڻ جو شيڊول آهي. ترجمان موجب …
ايران جي سامونڊي جهاز مان 204 ماڻهن کي ڪولمبو بندرگاهه منتقل ڪيو ويو: سريلنڪا
ڪولمبو-06 مارچ (اي پي پي)ڀارتي سامونڊي فوج سان گڏيل مشقون ڪندڙ ٻئي ايراني سامونڊي جهاز جي 204 ماڻهن کي سريلنڪا ڪولمبو بندرگاهه حفاظت سان منتقل ڪيو ويوآهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي بحريه پاران ٻڌايو ويو ته ايراني بحري جهاز جي 204 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪولمبو پورٽ پهچاويو ويو. بحريا جي ترجمان ٻڌايو ته ايراني بحري جهاز کي اوڀر واري بندرگاهه ٽرنڪومالي کڻي وڃڻ جو شيڊول آهي. ترجمان موجب جهاز ڪجهه ڏينهن اڳ سريلنڪا ۾ داخلا جي اجازت گهري هئي جنهن تي سريلنڪا جي صدر انساني همدردي سبب حڪومت پاران ايران جي بحريه جي جهازن کي ملڪ ۾ داخلا جي منظوري ڏني. اهو قدم انساني حياتين جي تحفظ ۽ عالمي تعاون جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو، ۽ سريلنڪا پاران هنڌي سمنڊ ۾ سلامتي تعاون کي وڌائڻ جي ڪوششن جو حصو سمجهيو ٿو وڃي. ان کان اڳ ڀارتي بحريا سان گڏيل مشقون ڪندڙ ايراني بحري جهاز آءِ آر آءِ ايس دينا کي واپسي دوران سريلنڪا جي سامونڊي حدن ويجهو آمريڪي آبدوز طرفان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ان تي موجود درجنين اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 40 اهلڪارن کي سريلنڪا جي بحريا بچائي سريلنڪا جي اسپتال منتقل ڪيو . سريلنڪا جي بحريا پهرين ايراني بحريا جي جهاز تي حملي ۾ مارجي ويلن مان 87 جا لاش سمنڊ مان ڪڍڻ جي تصديق ڪئي. ٽن آمريڪي عهديدارن برطانوي خابرو ادري سان ڳالهين دوران سريلنڪا ويجهو ايراني جنگي جهاز کي نشانو بنائڻ جي تصديق به ڪئي آهي . ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارتي بحريا جي مهمان ايراني بحريه جي جهاز تي آمريڪي حملي جي مذمت نه ڪرڻ تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.











