واشنگٽن-06 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ وينزويلا گڏيل سفارتي ۽ قونصلر لاڳاپا ٻيهر بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهو فيصلو ڊگهي مدي کان پوءِ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي . وينزيويلا جنوري 2019 ع ۾ آمريڪا تي پنهنجي داخلي معاملن ۾ مداخلت جو الزام لڳائيندي سفارتي لاڳاپا ختم …
آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ تي اتفاق
واشنگٽن-06 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ وينزويلا گڏيل سفارتي ۽ قونصلر لاڳاپا ٻيهر بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهو فيصلو ڊگهي مدي کان پوءِ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي . وينزيويلا جنوري 2019 ع ۾ آمريڪا تي پنهنجي داخلي معاملن ۾ مداخلت جو الزام لڳائيندي سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا . جنهن بعد انهي سال مارچ ۾ ڪاراڪاس ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني جو عملو واپس گهرائي ورتو هو. ان کان پوءِ 3 جنوري تي آمريڪي فوج وينزويلا ۾ وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي ان وقت جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال کي حراست ۾ وٺي آمريڪا منتقل ڪري ڇڏيو هو. پر تازي اڳڀرائي تحت 31 جنوري تي هڪ آمريڪي سفارتي مشن گادي واري شهر ڪراڪس بعد ٻنهن ملڪن وچ ۾ سفارتي رابطن جي بحالي جي باقاعده شروعات ٿي.











