رياض-06 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان برازيل جي هم منصب موروويرا ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق رابطي دوران خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رداسلو اسڪورسڪي به ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ خطي جي صورتحال، علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان برازيل ۽ پولينڊ جي هم منصبن جو ٽيليفونڪ رابطو
رياض-06 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان برازيل جي هم منصب موروويرا ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق رابطي دوران خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رداسلو اسڪورسڪي به ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ خطي جي صورتحال، علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي استحڪام ڳالهيون ڪيون ويون.











