مدينه منوره-06 مارچ (اي پي پي) مدينه منوره ۾ واقع غرس جو کوهه (بئر غرس) تاريخي اهميت رکي ٿو جتان پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ان کوهه جو پاڻي پيئڻ فرمايو ۽ رحمت جي دعا ڪئي.ان کوهه جون پاڙون نه رڳو پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي حيات مبارڪ سان جڙيل آهن پر ان کي سنت ۾ به دستاويزي حيثيت حاصل آهي. روايت مطابق پيغمبر اسلام …
مدينه منوره ۾ واقع غرس جو کوهه تاريخي اهميت رکي ٿو جتان پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ان کوهه جو پاڻي پيئڻ فرمايو ۽ رحمت جي دعا ڪئي
مدينه منوره-06 مارچ (اي پي پي) مدينه منوره ۾ واقع غرس جو کوهه (بئر غرس) تاريخي اهميت رکي ٿو جتان پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ان کوهه جو پاڻي پيئڻ فرمايو ۽ رحمت جي دعا ڪئي.ان کوهه جون پاڙون نه رڳو پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي حيات مبارڪ سان جڙيل آهن پر ان کي سنت ۾ به دستاويزي حيثيت حاصل آهي. روايت مطابق پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ان کوهه جو پاڻي پيئڻ فرمايو هو ۽ رحمت جي دعا ڪئي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق غرس کوهه مدينه ۾ مسجد نبوي ۽ مسجد قبا ويجهو ڏکڻ طرف واقع آهي، اهو هنڌ ثقافتي ميراث جي اٿارٽي جي محتاط نگراني ۾ آهي ته جيئن ان جي حيثيت ۽ مخصوص رخن کي محفوظ رکي سگهجي. اها اٿارٽي ان ڳالهه جو به اهتمام ڪندي آهي ته هتي ايندڙ زائرين ان کوهه جي پاڻي مان فائدو کڻندا رهن. اهو کوهه زائرين لاءِ ثقافتي اعتبار کان هڪ انتهائي اهم هنڌ آهي جيڪو پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي حيات طيبه بابت تاريخ جو ٺوس رابطي جو سبب آهي.











