ايران ۾ فوج موڪلڻ وقت جو نقصان ڪرڻ هوندو : آمريڪا

واشنگٽن -06 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۾ هن وقت آمريڪي زميني فوج موڪلڻ وقت جو نقصان ڪرڻ هوندو ۽ اهو ڪو اهڙو قدم ناهي جنهن تي هو في الحال غور ڪري رهيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ائين ڪرڻ وقت جو نقصان آهي . ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي ان بيان کي به بيڪار تبصرو …

واشنگٽن -06 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۾ هن وقت آمريڪي زميني فوج موڪلڻ وقت جو نقصان ڪرڻ هوندو ۽ اهو ڪو اهڙو قدم ناهي جنهن تي هو في الحال غور ڪري رهيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ائين ڪرڻ وقت جو نقصان آهي . ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي ان بيان کي به بيڪار تبصرو قرار ڏنو جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايران آمريڪي يا اسرائيلي زميني حملي لاءِ تيار آهي . آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هو ايران جي موجوده قيادت کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان  چاهيون ته هنن وٽ هڪ سٺو ليڊر هجي. اسان وٽ ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي سٺو ڪم ڪري سگهن ٿا پر هن رضا شاهه پهلوي سميت ڪنهن جو نالو نه ورتو.