بيجنگ-06 مارچ (اي پي پي ) چين جي نائب پرڏيهي وزير ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي نائب پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ قائم ايراني سفارتخاني ويو جتي هن چين جي حڪومت ۽ عوام پاران ايران جي قيادت ۽ عوام سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي هن عظيم اڳواڻ جي شهادت …
چين جي نائب پرڏيهي وزير پاران ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
بيجنگ-06 مارچ (اي پي پي ) چين جي نائب پرڏيهي وزير ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي نائب پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ قائم ايراني سفارتخاني ويو جتي هن چين جي حڪومت ۽ عوام پاران ايران جي قيادت ۽ عوام سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي هن عظيم اڳواڻ جي شهادت کي ايران لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي ايران جي عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو.











