ڪولمبو-06 مارچ(اي پي پي) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب سريلنڪا جي پرڏيهي وزير اسرائيل ۽ ايران جي هم منصبن سان عليحده عليحده ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ سريلنڪا جي شهرين جي سلامتي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزير پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان ڳالهين …
سريلنڪا جي پرڏيهي وزير پاران اسرائيل ۽ ايران جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو
ڪولمبو-06 مارچ(اي پي پي) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب سريلنڪا جي پرڏيهي وزير اسرائيل ۽ ايران جي هم منصبن سان عليحده عليحده ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ سريلنڪا جي شهرين جي سلامتي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزير پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان ڳالهين دوران اتي رهندڙ سريلنڪا جي شهرين جي خيريت بابت دريافت ڪيو. اسرائيلي پرڏيهي وزير سريلنڪا جي شهرين جي سلامتي بابت يقين ڏياريو. ان کان اڳ وجيٿاهيرات ايراني هم منصب سيد عباس عراقچي سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. سريلنڪا جي پرڏيهي وزير خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڀريو ته علائقائي امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ مناسب آهي.











