دنيا جي قدرتي وسيلن کي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي: پاڪستان

گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته دنيا جي قدرتي وسيلن کي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، نه ئي دٻاءُ يا تڪرار جو ذريعو بڻجڻ گهرجي ڇو جو اهم معدنيات هاڻي ڊجيٽل معيشت ۽ توانائي جي منتقلي کي طاقت ڏيندڙ ٽيڪنالاجيز جو بنياد بڻجي چڪي آهي، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي عالمي قانون …

گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته دنيا جي قدرتي وسيلن کي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، نه ئي دٻاءُ يا تڪرار جو ذريعو بڻجڻ گهرجي ڇو جو اهم معدنيات هاڻي ڊجيٽل معيشت ۽ توانائي جي منتقلي کي طاقت ڏيندڙ ٽيڪنالاجيز جو بنياد بڻجي چڪي آهي، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي عالمي قانون ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا آئٽم ”عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي“ تحت ”توانائي، اهم معدنيات ۽ سلامتي“ جي موضوع تي ٿيل بحث دوران چيو ته قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۽ انهن جو تڪرارن سان تعلق ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن ان مقابلي کي ذميواري سان نه سنڀاليو ويو ته اها سپلاءِ چين کي متاثر ڪري سگهي ٿي، ڇڪتاڻ کي وڌائي سگهي ٿي، خودمختياري کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل آبي وسيلا زندگي، پائيدار ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته اسان پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ کي رد ڪريون ٿا ڇو جو اهو درياهن تي دارومدار ڪندڙ هيٺاهين وارن ملڪن لاءِ لائف لائن کي روڪڻ جي برابر آهي ۽ علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطري جو سبب آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڀارت طرفان آبي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پيو آهي ڇو جو ڀارت هڪ طرفو ۽ غير قانوني طور 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا عالمي قانون ۽ معاهدي جي شقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ان معاهدي تي مڪمل عمل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، جيڪو 2025ع جي ٽياڪڙ عدالت جي فيصلي مطابق هن وقت به عمل جوڳو آهي. اهو اجلاس آمريڪا جي توانائي واري وزير ڪرس رائٽ جي صدارت ۾ ٿيو ڇو جو مارچ لاءِ آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ڪري رهيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته جتي معدني وسيلا ڪمزور حڪمراني، غربت ۽ پرڏيهي مداخلت سان جڙي ويندا آهن اتي عدم استحڪام جا خطرا وڌي وڃن ٿا. هن خبردار ڪيو ته غير قانوني کاڻون کوٽڻ، اسمگلنگ لاءِ نيٽ ورڪ ۽ غير شفاف مالياتي وهڪرا تڪرارن ۽ تشدد کي وڌائي سگهي ٿو ۽ رياستي ادارن کي ڪمزور ڪن ٿا. هن چيو ته اهم معدنيات جي پيداوار ۽ واپار ۾ قومي ملڪيت، اسرندڙ ملڪن جي ترجيحن ۽ ويليو ايڊيشن جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي ملڪ رڳو خام مال جو روانگي واپار ڪندڙ نه رهن پر پروسيسنگ ۽ ريفائننگ جا مرڪز بڻجي سگهن. هن چيو ته سپلاءِ کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوششن کي بلاڪ پاليٽڪس، معاشي دٻاءُ يا مت ڀيد وارن انتظامن جي شڪل اختيار نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن سپلاءِ چين جي ترقي کي جاگرافيائي سياسي گهيراءُ جي اوزار طور استعمال نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن انهن وسيلن جو غلط انتظام ڪيو وڃي يا انهن جو استحصال ٿئي ته ان سان اڻ برابري ۾ اضافو ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ شدت پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.