نڪولس-06 مارچ (اي پي پي) قبرص چيو آهي ته ايران کان سڌيءَ ريت خطرو ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قبرص جي دفاع واري وزير ويسيلس پلماس چيو آهي ته قبرص کي ايران پاران ڪنهن به سڌيءَ ريت ڪو خطرو درپيش ناهي. تازي ڊرو حملن ۾ قبرص جي ڌرتي بدران هڪ برطانوي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو ويو.دفاع واري وزير موجب ڏکڻ پاسي بندرگاهه واري شهر ليماسول ويجهو موجود هوائي اڏي کي …
ايران کان سڌيءَ ريت خطرو ناهي، ڊرون حملن جو هدف برطانوي فوجي اڏو هيو: قبرص
نڪولس-06 مارچ (اي پي پي) قبرص چيو آهي ته ايران کان سڌيءَ ريت خطرو ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قبرص جي دفاع واري وزير ويسيلس پلماس چيو آهي ته قبرص کي ايران پاران ڪنهن به سڌيءَ ريت ڪو خطرو درپيش ناهي. تازي ڊرو حملن ۾ قبرص جي ڌرتي بدران هڪ برطانوي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو ويو.دفاع واري وزير موجب ڏکڻ پاسي بندرگاهه واري شهر ليماسول ويجهو موجود هوائي اڏي کي ڪيترائي ڀيرا ڊرونز ذريعي نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اطلاع موجب اهي ڊرونز لبنان مان حزب الله طرف نصب ڪيا ويا هيا. اڳواڻن موجب هيستائين 4 ڊرونز کي هوا ۾ ئي تباهه ڪيو ويو جڏهن ته هڪ ڊرونز دفاعي نظام کي پار ڪندي اڏي جي اندر پارڪنگ ايريا تائين پهچي ويو جنهن سان معمولي نقصان ٿيو آهي. حفاظتي قدمن تحت اڏي ويجهو 1200 ماڻهن تي ٻڌل هڪ ڳوٺ کي خالي ڪرايو ويو آهي. ويجهن ڳوٺن ۾ اسڪولن کي هفتي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.











