سان فرانسسڪو-06 مارچ (اي پي پي) مصنوعي ذهانت جي آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ پيشيوراڻن ڪمن لاءِ چيٽ جي پي ٽي-5.4 متعارف ڪرائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اوپن اي آءِ گذريل ڏينهن پنهنجي جديد ماڊل واري چيٽ جي پي ٽي-5.4 جي ريليز جو اعلان ڪيو، جيڪو پيشيوراڻڻ ڪمن لاءِ خصوصي طور ڊيزائن ڪيو ويو آهي. ڪمپني مطابق اهو ماڊل ڪوڊيڪس-5.3-جي پي ٽي جي بنياد تي جديد منطق، ڪوڊنگ ۽ ورڪ …
اوپن اي آءِ پاران پيشيوراڻن ڪمن لاءِ چيٽ جي پي ٽي- 5.4 متعارف
سان فرانسسڪو-06 مارچ (اي پي پي) مصنوعي ذهانت جي آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ پيشيوراڻن ڪمن لاءِ چيٽ جي پي ٽي-5.4 متعارف ڪرائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اوپن اي آءِ گذريل ڏينهن پنهنجي جديد ماڊل واري چيٽ جي پي ٽي-5.4 جي ريليز جو اعلان ڪيو، جيڪو پيشيوراڻڻ ڪمن لاءِ خصوصي طور ڊيزائن ڪيو ويو آهي. ڪمپني مطابق اهو ماڊل ڪوڊيڪس-5.3-جي پي ٽي جي بنياد تي جديد منطق، ڪوڊنگ ۽ ورڪ فلو جي صلاحيتن کي گڏائي ٿو. گڏو گڏ اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي -5.4 پرو به متعارف ڪرايو جيڪو منجهيل ۽ پيشيوراڻن ڪمن جو وڌيڪ ڪارائتو ورزن آهي.











