لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ 8 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

بيروت-05 مارچ (اي پي پي)لبنان جي ڏاکڻي ۽ اوڀر جي علائقن ۾ اسرائيل جي ڪيترن ئي فضائي حملن ۾ 8 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪالهه صبح ڏکڻ لبنان ميونسپلٽي القليله ويجهو هڪ گاڏيءَ تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد، اوڀر لبنان ۾ زحل روڊ تي هڪ ٻئي ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا. ڏکڻ لبنان جي ڳوٺن ۾ 3 …

بيروت-05 مارچ (اي پي پي)لبنان جي ڏاکڻي ۽ اوڀر جي علائقن ۾ اسرائيل جي ڪيترن ئي فضائي حملن ۾ 8 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪالهه صبح ڏکڻ لبنان ميونسپلٽي القليله ويجهو هڪ گاڏيءَ تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد، اوڀر لبنان ۾ زحل روڊ تي هڪ ٻئي ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا. ڏکڻ لبنان جي ڳوٺن ۾ 3 فضائي حملن ۾ 3 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي يپا. لبناني فوج جي هڪ سيڪيورٽي ذريعن موجب اسرائيلي جنگي جهازن ۽ ڊرونز صبح جي وقت ۾ اوڀر ۽ ڏکڻ لبنان کان علاوه گاديءَ واري هنڌ بيروت جي ڏاکڻي علائقن ۾ ڪل 76 فضائي حملا ڪيا ۽ سرحدي علائقن ۾ 19 توپ خانن ذريعي حملا ڪيا ويا.