ماسڪو-05 مارچ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس واپاري مفادن کي نظر ۾ رکندي توقع کان پهرين يورپي يونين جي ملڪن کي قدرتي گئس جي فراهمي روڪي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو دوران چيو ته يورپي يونين جا ملڪ هڪ مهيني اندر روس جي گئس جي خريداري تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ هڪ سال اندر …
امڪاني پابندين سبب يورپي يونين کي گئس جي فراهمي جلد روڪي سگهون ٿا: روس
ماسڪو-05 مارچ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس واپاري مفادن کي نظر ۾ رکندي توقع کان پهرين يورپي يونين جي ملڪن کي قدرتي گئس جي فراهمي روڪي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو دوران چيو ته يورپي يونين جا ملڪ هڪ مهيني اندر روس جي گئس جي خريداري تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ هڪ سال اندر انهن پابندين کي مڪمل پابندي تائين سخت ڪرڻ جو منصوبو رکن ٿا. روس جي صدر چيو ته ان دوران ٻيون مارڪيٽون به روس لاءِ کلي رهيون آهن. هن چيو ته ممڪن آهي ته روس لاءِ اهو فائديمند هجي ته هو اڃان يورپي مارڪيٽن کي گئس جي فراهمي بند ڪري ڇڏي ۽ نئين ايڪسپورٽ مارڪيٽن ۾ پنهنجي جڳهه مضبوط ڪري. هن واضح ڪيو ته سندس بيان پويان ڪي سياسي مقصد ناهن. هن اهو به چيو ته ان حوالي سان اڃان ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. واضح رهي ته جنوري ۾ ڪائونسل آف يورپي يونين روسي پائپ لائين گئس ۽ مائع قدرتي گئس (ايل اين جي) جي امپورٽ تي پابندي جي منظوري ڏني هئي. ان منصوبي تحت ايل اين جي تي مڪمل پابندي جنوري 2027ع کان جڏهن ته پائيپ لائن گئس تي پابندي سرءُ 2027ع کان لاڳو هوندي.











