گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل لاءِ وڌيڪ 2 اميدوار سامهون اچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ وڌيڪ 2 اميدوار سامهون اچڻ کانپوءِ ان اهم منصب لاءِ اميدوارن جو انگ 4 ٿي ويو آهي. آفريقي يونين جي موجوده سربراهه برونڊي، سينيگال جي اڳوڻي صدر ميڪي سال کي ان عهدي لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته ڪوسٽاريڪا معاشيات …
گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل لاءِ وڌيڪ 2 اميدوار سامهون اچي ويا
گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل لاءِ وڌيڪ 2 اميدوار سامهون اچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ وڌيڪ 2 اميدوار سامهون اچڻ کانپوءِ ان اهم منصب لاءِ اميدوارن جو انگ 4 ٿي ويو آهي. آفريقي يونين جي موجوده سربراهه برونڊي، سينيگال جي اڳوڻي صدر ميڪي سال کي ان عهدي لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته ڪوسٽاريڪا معاشيات جي ماهر ۽ ڪوسٽاريڪا جي اڳوڻي نائب صدر ريبيڪا گرين اسپين کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي. ٻيا ٻه اميدوار چلي، برازيل ۽ ميڪسيڪو طرفان نامزد ڪيل چلي جي اڳوڻي صدر مشيل بيچليٽ ۽ ارجنٽائن طرفان نامزد ڪيل انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي آهن.











