سرينگر-05 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اسلامي جمهوريه ايران خلاف اسرائيل ۽ آمريڪا جي جارحيت خلاف (اڄ) جمعي تي نماز کانپوءِ پرامن مظاهرن جو سڏ ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري بيان ۾ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو جمعي جي نماز کانپوءِ مودي ۽ نيتن ياهو جي …
والاريل ڪشمير ۾ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف (اڄ) مظاهرا ڪيا ويندا: حريت ڪانفرنس جو ترجمان
سرينگر-05 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اسلامي جمهوريه ايران خلاف اسرائيل ۽ آمريڪا جي جارحيت خلاف (اڄ) جمعي تي نماز کانپوءِ پرامن مظاهرن جو سڏ ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري بيان ۾ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو جمعي جي نماز کانپوءِ مودي ۽ نيتن ياهو جي ملسمان دشمن ايجنڊا ۽ بي جي پي جي ڀارتي حڪومت پاران والاريل علائقي ۾ لاڳپيل پابندين خلاف ڀرپور احتجاج ڪن. ترجمان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ميڊيا سينسرشپ جي شديد مذمت ڪندي پريس جي آزادي ۽ جمهوري حقن تي زور ڀريو. هن ايران تي آمريڪي جارحيت ۽ والاريل علائقي ۾ جارحاڻن قدمن تي دنيا جي خاموشي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ان کي ”رياستي دهشتگردي“ قرار ڏنو. هن والاريل علائقي ۾ لاڳو ڪرفيو جهڙين پابندين، پرامن مظاهرو ڪندڙن تي طاقت جي وحشياڻي استعمال ۽ انٽرنيٽ جي بندش جي به مذمت ڪئي. ترجمان گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن تي زور ڀريو ته اهي والاريل علائقي ۾ انسانيت خلاف سنگين ڏوهن تي ڀارت کان پڇاڻو ڪن. هن ماڻهن تي زور ڀريو ته هو مظاهرن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري نيتن ياهو ۽ مودي جي مسلمان دشمن ايجنڊا خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائن.











