چين پاران پنهنجن شهرين کي جاپان جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت

ٽوڪيو-05 مارچ (اي پي پي) جاپان ۾ هراسان ڪرڻ جي واقعي بعد چين پنهنجن شهرين کي جاپان جو سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گادي واري شهر ٽوڪيو ۾ چين جي سفارتخاني ٽوڪيو ۾ چيني شهرين کي هراسان ڪرڻ جي واقعي بعد پنهنجن شهرين کي عارضي طورتي جاپان جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي . سفارتخاني جاري بيان ۾ چيو ته پهرين …

ٽوڪيو-05 مارچ (اي پي پي) جاپان ۾ هراسان ڪرڻ جي واقعي بعد چين پنهنجن شهرين کي جاپان جو سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گادي واري شهر ٽوڪيو ۾ چين جي سفارتخاني ٽوڪيو ۾ چيني شهرين کي هراسان ڪرڻ جي واقعي بعد پنهنجن شهرين کي عارضي طورتي جاپان جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي . سفارتخاني جاري بيان ۾ چيو ته پهرين مارچ تي ٽوڪيو جي روڊن تي ميراٿن ريس ڏسڻ دوران ڪجهه شهرين کي ڪجهه جاپاني کاٻي ڌر جي ماڻهن طرفان هراسان ڪيو ويو . موقعي تي موجود پوليس اهلڪارن صورتحال تي ضابطو آڻي ورتو . سفارتخاني مطابق واقعي جي فورن بعد  مقامي پوليس کي باضابط احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته جاپان ۾ موجود چيني شهرين جي قانوني حقن ۽ مفادن جو موثر تحفظ يقيني بڻايو وڃي . تازي تنبهه ۾ چيني شهرين کي في الحال جاپان جو سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي جڏهن ته جاپان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي پنهنجي ذاتي سلامتي بابت وڌيڪ محتاط رهڻ ۽ حفاظتي قدم وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ شهري فوري طورتي پوليس سان رابطو ڪن ۽ جاپان ۾ موجود چيني سفارتخاني جي مشنز کان مدد حاصل ڪن.