سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس منعقد

ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 33 هين ايپڪس ڪاميٽي اجلاس جي صدارت ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۽ ان کانپوءِ ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته رياست جي حڪمراني قائم رکي وڃي، غير ملڪي شهرين جي حفاظت بهتر بڻائي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي حدفي ڪارروايون ڪيون وڃن. وڏي …

ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 33 هين ايپڪس ڪاميٽي اجلاس جي صدارت ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۽ ان کانپوءِ ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته رياست جي حڪمراني قائم رکي وڃي، غير ملڪي شهرين جي حفاظت بهتر بڻائي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي حدفي ڪارروايون ڪيون وڃن. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي گھرو وزير، ڪراچي ڪور ڪمانڊر ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ايران تي حملي کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ حفاظتي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. وڏي وزير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي، منظم ڏوھن، زمين مافيا ۽ غير قانوني هٿيارن خلاف مربوط ڪارروايون جاري رکن. اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي تدارڪ بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته هيستائين 278816 غير قانوني تارڪين وطن کي ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته غير قانوني تارڪين وطن جي واپسي جو عمل جاري رکجي ۽ ان اڳڀرائي بابت باخبر رکيو وڃي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته سنڌ فارينزڪ سائنس ليبارٽري ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ڪئي وڃي، جنهن سان صوبي ۾ جاچ پڙتال جي صلاحيت ۾ واڌارو ٿيندو. ساڳئي وقت ڪائونٽر ٽيرر ازم اسڪول کي فعال ڪري پروفيشنل تربيت ۽ جاچ جي مهارت بهتر ڪئي ويندي. اجلاس ۾ نيشل ايڪشن پلان تحت جاري ڪاررواين، ڪچي جي علائقن ۾ حفاظتي آپريشنن، غير ملڪي شهرين خاص طور تي چيني شهرين جي حفاظت ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين جي تدارڪ جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وڏي وزير سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي جي علائقن لاءِ 9.49 ارب رپين جو سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبو منظور ڪيو. منصوبي تحت صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر اسڪيمز جي نگراني ڪئي ويندي ته جيئن ڊگهي مدت لاءِ امن ۽ استحڪام يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته ٽن سرحدي ڪچي جي علائقن ۾ بهتر حفاظتي صورتحال حڪومت جي هٿيار ڇڏڻ واري پاليسي جي ڪاميابي ظاهر ڪري ٿي، پر پائيدار امن لاءِ مقامي ڪميونٽي لاءِ تعليم، ترقي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهن. ايپڪس ڪميٽي ”عزمِ استحڪام“ تحت دهشتگردي ۽ منظم ڏوهن خلاف ڪوششن جو جائزو ورتو. وڏي وزير چيو ته حفاظتي آپريشن هميشه انٽيليجنس بنياد تي ۽ حدفي هجن ۽ حڪومت ڪنهن به اينٽي اسٽيٽ عنصر کي قومي اختيار چيلنج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائم، اسمگلنگ، منشيات جي وڪري ۽ بجلي جي چوري جهڙين غير قانوني سرگرمين خلاف زيرو برداشت جي هدايت ڏني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي مربوط ڪوششون تيز ڪن. اجلاس ۾ غير قانوني هٿيار رکندڙن خلاف ڪارروايون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪنهن کي به غير قانوني هٿيار رکڻ جي اجازت نه هوندي ۽ سڀ غير قانوني هٿيار ضبط ڪيا وڃن. ان کان علاوه ادارن جي مضبوط ٿيڻ تي اڳڀرائي جو جائزو پڻ ورتو ويو، جنهن ۾ سنڌ فورينزڪ سائنس ليبارٽري جي ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ ۽ ڪائونٽر ٽيرر ازم اسڪول کي فعال ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن جيئن تربيت ۽ جاچ پڙتال جي صلاحيت بهتر ٿئي.