حيدرآباد -04 مارچ (اي پي پي) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس هڪ شخص وقار لنڊ کي گرفتاري ڪري سندس قبضي مان هڪ شخص غلام مرتضيٰ ڀٽي جي چوري ٿي ويل الٽو ڪار هٿ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فريادي غلام مرتضيٰ جي گاڏي چوري ڪرڻ جي واردات ۾ ان جو ئي هڪ دوست ممتاز علي لنڊ ملوث نڪتو آهي جيڪو اڪثر دوستي جي آڌار تي کائنس گاڏي وٺي …
ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس پاران هڪ شخص وقار لنڊ گرفتار، چوري جي ڪار هٿ

مزید خبریں
حيدرآباد -04 مارچ (اي پي پي) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس هڪ شخص وقار لنڊ کي گرفتاري ڪري سندس قبضي مان هڪ شخص غلام مرتضيٰ ڀٽي جي چوري ٿي ويل الٽو ڪار هٿ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فريادي غلام مرتضيٰ جي گاڏي چوري ڪرڻ جي واردات ۾ ان جو ئي هڪ دوست ممتاز علي لنڊ ملوث نڪتو آهي جيڪو اڪثر دوستي جي آڌار تي کائنس گاڏي وٺي ويندو هو جنهن گاڏي جي ڊپليڪيٽ چاٻي ٺهرائي پنهنجي ٻين دوستن شير محمد شاهه ۽ وقار لنڊ سان گڏجي گاڏي چوري ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ۽ ڊپليڪيٽ چاٻي جي ذريعي ڪار چوري ڪري ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته واردات ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.











