ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اقليتي برادري جي مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوامي خدمت ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنيادي منشور آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارٽي سان لاڳاپيل ٽائون ۽ سٽي ڪائونسلرن تي مشتمل اقليتي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد …
اقليتي برادري جي مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: سيد ناصر حسين شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اقليتي برادري جي مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوامي خدمت ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنيادي منشور آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارٽي سان لاڳاپيل ٽائون ۽ سٽي ڪائونسلرن تي مشتمل اقليتي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي پي پي پي مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر لال چند اُڪراڻي ڪئي. ان موقعي تي سکر جو ميئر ارسلان شيخ ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آصف موسيٰ پڻ موجود هئا. ملاقات دوران اقليتي نمائندن پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، خاص طور پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي نيڪال جي نظام جي بهتري، رستن ۽ گهٽين جي تعمير ۽ مرمت، اسٽريٽ لائيٽن ۽ صفائي سٿرائي بابت معاملن تي ڳالهايو. هنن ڪجهه ٽائون چيئرمينن جي سهڪار ۾ کوٽ جون شڪايتون پڻ پيش ڪيون. وفد مطالبو ڪيو ته بلدياتي سطح تي اقليتي ڪائونسلرن کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ ترقياتي فنڊن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. صوبائي وزير مسئلن جو فوري نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ٽائون چيئرمينن کي موقعي تي ٽيليفون ذريعي هدايتون جاري ڪيون ۽ واضح ڪيو ته ترقياتي اسڪيمن ۾ اقليتي آبادي وارن علائقن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. هن سڀني ڪائونسلرن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي علائقن ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي ڪمن جي ترجيحي فهرست بلدياتي کاتي کي فراهم ڪن ته جيئن مرحليوار بنيادن تي فنڊ جاري ڪري سگهجن. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته گرجا گهرن، مندرن ۽ گردوارن جي چوڌاري بنيادي ڍانچي جي بهتري، پاڻي جي نيڪال جي مؤثر نظام ۽ سيڪيورٽي سهولتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن مذهبي هم آهنگي ۽ بين المذاهب رواداري کي هٿي ملي. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري نوڪرين لاءِ حڪومت طرفان مقرر ڪيل شفاف طريقيڪار تي عمل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ سڌو سنئون بلدياتي کاتي سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومتِ سنڌ صوبي جي سڀني شهرين کي برابر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم جاري رکندي ۽ بلدياتي نمائندن سان مربوط رابطن ذريعي مسئلن جو پائيدار حل يقيني بڻائيندي.











