سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت ۽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان چين جي اسڪالرشپ لاءِ صلاحيت سازي پروگرام جو افتتاح

ٽنڊوڄام- 4 مارچ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آھي ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ، زراعت جي پائدار ترقي لاءِ نوجوانن کي اڳڀرو ٿيڻو پوندو ته جئين دنيا جي اُسرندڙ ملڪن جي تحقيق کي اختيار ڪندي موسمي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، زمين جي زرخيزيت ۾ گهٽتائي، غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. اھڙي خيالن جو اظھار ھن …

ٽنڊوڄام- 4 مارچ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آھي ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ، زراعت جي پائدار ترقي لاءِ نوجوانن کي اڳڀرو ٿيڻو پوندو ته جئين دنيا جي اُسرندڙ ملڪن جي تحقيق کي اختيار ڪندي موسمي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، زمين جي زرخيزيت ۾ گهٽتائي، غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. اھڙي خيالن جو اظھار ھن سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت ۽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان زراعت جي گريجويٽس کي چين ۾ سکيا پروگرام جا موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ منقعد ٿيل ٻن ھفتن واري صلاحيت سازي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته وزيراعظم شھباز شريف طرفان ملڪ جي ھڪ ھزار زرعي گريجويٽس کي چائنا ۾ عالمي نمائش ۽ اعليٰ تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ وارو قدم ڏاهپ ڀريو ۽ وقتائتو آهي، ھن چيو ته چين زرعي تحقيق، هائبرڊ ٻج جي تياري، پاڻي جي انتظامي ٽيڪنالاجيز، محفوظ پوکائي جي طريقن ۽ زرعي مشينيڪاري ۾ نمايان ترقي حاصل ڪئي آهي، اهڙين اڳڀرائين مان سکڻ سان اسان جا نوجوان ماهر جديد اوزارن ۽ عالمي سوچ سان سرشار ٿيندا، وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جو وڌيڪ چوڻ ھو ته زرعي يونيورسٽي جو مشن سدائين گريجوئيٽس، قابل محقق ۽ زرعي ماھر تيار ڪرڻ رھيو آھي، ھن چيو ته ٻن ھفتن واري ھن صلاحيت سازي واري پروگرام مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪريو، اوهان جڏھن ٽن مهينن جي اعليٰ تربيت لاءِ چائنا ويندا، تڏهن اوهان فقط پنهنجي خاندان يا اداري جي نمائندگي نه ڪندا پر سڄي ملڪ جي زرعي برادري جي نمائندگي پڻ ڪندا، ان موقعي تي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي اسڪالر شپ پروگرام ۽ گلوبل انگيجمنٽ جي ڊائريڪٽر جنرل عائشه اڪرام تقريب کي اسلام آباد مان آن لائين خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي اجاڳر ڪرڻ ۾ حڪومتي سنجيدگي شامل آھي جنھن طرفان سنڌ جي 200 کان وڌيڪ نوجوانن ھن پروگرام وسيلي سکيا ڏئي چائنا جي اعليٰ سطحي تربيت ڏياري پئي وڃي ان سان نوجوانن کي عالمي تجربو، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جا موقعا ملندا جنھن سان ملڪ جي زراعت جي ترقي کي يقيني بڻائي سگهبو، ھن چيو ته ھن صلاحيتي پروگرام لاءِ زرعي يونيورسٽي جو کنيل قدم ساراھ جوڳو آھي، ان موقعي تي ڪراپ پروٽيڪشن فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر عبدالميبن لوڌي چيو ته ھن پروگرام ۾ 180 اميدوار حصو وٺي رھيا آھن جن مان 147 ميل ۽ 33 فيميل اميدوار آھن، ھي پرگرام ٻن ھفتن تائين جاري رھندو جنھن ۾ زرعي يونيورسٽي جا ماھر استاد مختلف موضوعن بابت ليڪچر ڏيندا، جڏھن ته تربيتي سيشن جي پڄاڻي تي امتحان ورتو ويندو جن مان ڪامياب شاگردن کي چين جي اسڪالر ۾ چونڊڻ لاءِ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد کي سفارش ڪئي ويندي، تقريب کي ڊاڪٽر ظھير احمد نظاماڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي مختلف فيڪلٽين جا ڊين ڊاڪٽر غياث الدين شاھ، ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊاڪٽر منير احمد مڱريو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.