ڊي سي لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس

لاڙڪاڻو - 04 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اوهان ۽ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي ته جيئن هن مهم ۾ ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي، اوهان ضلعي جي سڀني يونين ڪائونسلن ۾ ڀرپور نموني ڪم ڪريو ته جيئن هيءَ مهم ڪامياب …

لاڙڪاڻو – 04 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اوهان ۽ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي ته جيئن هن مهم ۾ ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي، اوهان ضلعي جي سڀني يونين ڪائونسلن ۾ ڀرپور نموني ڪم ڪريو ته جيئن هيءَ مهم ڪامياب ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي جي درٻار هال ۾ ايندڙ پوليو مهم جي سلسلي ۾ سڏايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته مهم دوران اوهان کي جيڪي هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون انهن تي پابنديءَ سان عمل ڪريو ۽ ڊيٽا پڻ ترتيب ڏيو ته جيئن پوليو مهم وڌ کان وڌ ڪامياب ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ گذريل پوليو مهم دوران رهجي ويل علائقن کي ڪور ڪريو ۽ مائڪرو پلان پڻ جوڙيو وڃي. هن چيو ته پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان انڪار سبب مسئلا پيدا ٿين ٿا، انهن تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ مڪمل رڪارڊ پڻ ٺاهيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سڀني ٽيم ميمبرن کي پابند بڻايو ته جيئن هو صحيح نموني ڪم ڪن ۽ ڪو به ٻار رهجي نه وڃي. هن چيو ته اسان وٽ ڊيٽا موجود آهي ان لاءِ اوهان ٽيمن کي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ پابند بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته جن گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارڙا آهن انهن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ته جيئن ٽارگيٽ حاصل ٿئي. هن اجلاس ۾ ان ڳالھه تي پڻ زور ڀريو ته اسڪولن جي پرنسپالن ۽ هيڊ ماسترن سان گڏوگڏ والدين کي پڻ پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گذريل مهم دوران جيڪي ٻار رهجي ويا انهن کي ڏسو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ تعلقه فوڪل پرسن کي پابند بڻايو ته ايندڙ پوليو مهم دوران زيرو ڊوز هئڻ گھرجن ته جيئن پوليو مهم ڪامياب ٿئي ۽ پاڻ ۾ گڏجي پلان ٺاهڻ گھرجي ۽ تعلقه فوڪل پرسن کي به پاڻ سان گڏ کڻڻ گهرجي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي هر تعلقي ۾ مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اتان جي انتظاميا سان رابطو ڪيو وڃي ۽ هر تعلقي ۾ اوهان جا جيترا ورڪرس آهن انهن کي مڪمل طور تي شامل ڪريو ۽ پابند بڻايو ته جيئن ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. گڏجاڻيءَ دوران ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪل  46 يونين ڪائونسلون آهن جن ۾ ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن. هن اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ته پوليو مهم دوران 1238 موبائل ٽيمون، 55 فڪسڊ پوائنٽس، 35 ٽرانزٽ پوائنٽس، 284 ايريا انچارجز ۽ 72 يوسي ايم اوز پڻ پوليو مهم دوران ڪم ڪندا. هن چيو ته تعلقن ۾ اسان جا اي ڊي ايڇ او پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم ڪندا ۽ ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن اي پي آءِ ۽ پي پي ايڇ آءِ کي پڻ شامل ڪيو آهي ته جيئن مهم ڪامياب ٿئي.ان کان اڳ نقشن ۽ چارٽن وسيلي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته تعلقن ۾ صحت جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن ۽ ان کان علاوه مهم کي وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ لاءِ مائڪرو پلان جوڙيو ويو آهي ته جيئن مڪمل ڪوريج ٿئي ۽ گھرن ۾ موجود عورتن کي پڻ آگاهي ڏينداسين ته جيئن ڪو به ٻار رهجي نه وڃي ۽ مختلف علائقن شيخ زيد، محرابپور، مڏباهو ۽ بنگل ديرو ۾ زيرو ڊوز گھٽ رڪارڊ ٿيا. ان سلسلي ۾ ٽيمن کي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ ٽريننگ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون ۽ مهم دوران ضلعي جي سمورين يونين ڪائونسلن جا سيڪريٽريز پڻ تعاون ڪندا. ياد رهي ته ايندڙ پوليو مهم 13 اپريل کان 16 اپريل 2026ع تائين جاري رهندي. گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو اسپيشل اسسٽنٽ خير محمد شيخ ۽ لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.