گڏيل قومون-04 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن تي گڏيل قومن جي ايٽمي توانائي جي نگران اداري جي سربراهه خطي ۾ ايٽمي خطرن کي نظر ۾ رکندي سفارتڪاري طرف واپسي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ايٽمي توانائي بابت عالمي اداري (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي ويانا …
آءِ اي اي اي طرفان ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جاري حملن دوران ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل
گڏيل قومون-04 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن تي گڏيل قومن جي ايٽمي توانائي جي نگران اداري جي سربراهه خطي ۾ ايٽمي خطرن کي نظر ۾ رکندي سفارتڪاري طرف واپسي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ايٽمي توانائي بابت عالمي اداري (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي ويانا ۾ ڳالهائيندي چيو ته هيستائين ان ڳالهه جا ڪي ثبوت ناهن مليا ته ايران ڪنهن به ايٽمي ٺڪاڻي کي پهتو هجي جن ۾ بوشهر نيوڪليئر پاور پلانٽ، تهران ريسرچ اي ايڪٽر ۽ ٻين نيوڪليئر فيول سائيڪل ٺڪاڻا شامل آهن. ٻئي پاسي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي اجلاس دوران نار وارن ملڪن ايران طرفان مبينه جوابي بيلسٽڪ ميزائيل ۽ ڊرون حملن جي مذمت ڪندي پنهنجي خودمختياري خلاف قدمن کي نه قبولڻ جوڳو قرار ڏنو ۽ تهران کان ڇڪتاڻ روڪڻ جو مطالبو ڪيو. صحت واري عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او)موجب ايران تي حملن کانپوءِ هيستائين اٽڪل 700 شهري مارجي چڪا آهن. ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل زور ڀريو آهي ته صحت جي سهولتن کي جاري تڪرارن کان محفوظ رکڻ عالمي انساني قانون تحت لازمي آهي. ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هي ان ڳالهه جي يادگيري آهي ته جاري تڪرار ۾ صحت جي سهولت کي لپيٽ ۾ آڻڻ کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صحت جون سهولتون عالمي انساني قانون تحت محفوظ آهن. ايران انساني حقن جي ڪائونسل کي ٻڌايو ته ملڪ ”انڌا ڌنڌ ۽ جارحاڻي“ حملن جي لپيٽ ۾ آهي، ايران جي نمائندي علي بحريني دعويٰ ڪئي ته تازن ڏينهن ۾ اسڪولن، اسپتالن ۽ ايراني هلال احمر جي هيڊڪوارٽر سميت ڪيترن ئي غير فوجي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو. ويانا ۾ آءِ اي اي اي بورڊ جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي رافيل گروسي چيو ته ايران ۽ خطي جي ٻين ملڪن ۾ فعال ايٽمي بجلي گهر ۽ تحقيقي ري ايڪٽر موجود آهن، ان لاءِ فوجي ڇڪتاڻ ڪنهن ايٽمي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته هيستائين ايران جا پاڙيسري ملڪن ۾ تابڪاري جي سطح معمول تي آهي پر هن ڌرين کي انتهائي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. گروسي نشاندهي ڪئي ته گڏيل عرب امارات ۾ چار فعال ايٽمي ري ايڪٽر موجود آهن، جڏهن ته اردن ۽ شام جا تحقيقي ري ايڪٽرز ڪم ڪري رهيا آهن ۽ خطي جا ڪيترائي ملڪ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ايٽمي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيا آهن، ان لاءِ صورتحال انتهائي حساس آهي. ايران جنيوا ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خط به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين جارحيت جاري رهندي، ملڪ پنهنجي دفاع جي حق کي استعمال ڪندو رهندو.











