ڪراچي-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايران، قطر ۽ بحرين جي سفيرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. گورنر هائوس ڪراچي مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ايران جي سفارتخاني ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ۽ سفارتي عملي سان آيت الله علي خامنه اي ۽ ٻين اعليٰ ايراني اڳواڻن جي شهادت تي گهري رنج ۽ غم …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي ايران، قطر ۽ بحرين جي سفيرن سان ڌار ڌار ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايران، قطر ۽ بحرين جي سفيرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. گورنر هائوس ڪراچي مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ايران جي سفارتخاني ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ۽ سفارتي عملي سان آيت الله علي خامنه اي ۽ ٻين اعليٰ ايراني اڳواڻن جي شهادت تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙي ۾ برادر ملڪ ايران سان گڏ بيٺل آهي.گورنر ايراني سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. گورنر قطر جي سفارتخاني به ويو جتي هن قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الختر سان ملاقات ۾ قطر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورنر چيو ته هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستاني عوام اوهان سان گڏ آهي. گورنر مسلمان امت جي اتحاد سان مسئلن جو حل ڪڍڻ تي زور ڀريو. بعد ۾ گورنر ڪامران خان ٽيسوري بحرين جي سفارتخاني ويو، جتي هن سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقدير سان ملاقات ۾ خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورنر چيو ته پاڪستان امت مسلمه جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو خواهشمند آهي.











