ڪراچي-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي چيئرمين سعيد غني چيو آهي ته مزدورن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري ۽ ترجيح آهي. هن چيو ته ماضي ۾ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڪجهه تڪراري منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، جن کي واپس وٺڻ سان گڏ انهن جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو به فيصلو …
مزدورن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري ۽ ترجيح آهي: صوبائي وزير سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي چيئرمين سعيد غني چيو آهي ته مزدورن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري ۽ ترجيح آهي. هن چيو ته ماضي ۾ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڪجهه تڪراري منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، جن کي واپس وٺڻ سان گڏ انهن جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن بورڊ جي 35هين اجلاس جي صدارت ڪندي هن اعلان ڪيو ته مزدورن جي ڊيٿ گرانٽ 7 لک روپين مان وڌائي 10 لک روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شادي گرانٽ 2 لک مان وڌائي 4 لک روپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بورڊ جي سڀني منصوبن ۽ خرچن جي نگراني لاءِ سينٽرلائيزڊ ڪميٽيون جوڙيون وڃن ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس جي شروعات تي سعيد غني نون ميمبرن کي ڀليڪار چيو ۽ گذريل اجلاس جي منٽس تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪجهه فيصلا جيڪي مزدورن ۽ اداري جي مفاد خلاف قرار ڏنا ويا، انهن کي واپس وٺڻ ۽ صاف جاچ ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ پبلڪ ريليشن آفيسر جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي سينيئر مزدور اڳواڻ حبيب الدين جنيدي، پ پ پ چيئرمين ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ته هنن ٻيهر سعيد غني کي محنت کاتي جو قلمدان ڏنو. هن چيو ته سعيد غني جي قيادت ۾ مزدورن جي ڀلائي جي ڪمن ۾ تيزي ايندي. پنهنجي خطاب ۾ سعيد غني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور ئي مزدورن ۽ پورهيتن جي ڀلائي ڪرڻ آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جون واضح هدايتون آهن ته مزدورن جي فلاح بابت ڪنهن به قسم جي مصلحت پسندي برداشت نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت مزدورن سان گڏ ملازمن جي مفادن کي به نظر ۾ رکندي، ڇو ته انهن جي ذريعي ئي مزدور روزگار حاصل ڪن ٿا. سعيد غني واضح ڪيو ته مزدورن جي حقن تي ڪنهن به صورت سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ماضي يا حال ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ناانصافي کي قبول نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سيڪريٽري محنت ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سعيد صالح جماڻي، ڊائريڪٽر جنرل شهلا ڪاشف سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن ۽ مزدور اڳواڻن شرڪت ڪئي.











