واشنگٽن-03 مارچ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته وچ اوڀر جي غير يقيني ۽ تبديل ٿيندڙ صورتحال پهرين ئي غير مستحڪم عالمي معاشي ماحول ۾ وڌيڪ پيچيدگي پيدا ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف جي ترجمان گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان وچ اوڀر ۾ ٿيل اڳڀرائي تي گهري نظر رکيو پيا اچون، هاڻ تائين اسان واپاري ۽ معاشي سرگرمين ۾ …
وچ اوڀر جي غير يقيني ۽ تبديل ٿيندڙ صورتحال پهرين ئي غير مستحڪم عالمي معاشي ماحول ۾ وڌيڪ پيچيدگي پيدا ڪري رهي آهي: آءِ ايم ايف
واشنگٽن-03 مارچ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته وچ اوڀر جي غير يقيني ۽ تبديل ٿيندڙ صورتحال پهرين ئي غير مستحڪم عالمي معاشي ماحول ۾ وڌيڪ پيچيدگي پيدا ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف جي ترجمان گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان وچ اوڀر ۾ ٿيل اڳڀرائي تي گهري نظر رکيو پيا اچون، هاڻ تائين اسان واپاري ۽ معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ، توانائيءَ جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ ۽ مالياتي مارڪيٽن ۾ لاهن چاڙهن جو مشاهدو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته صورتحال بدستور نهايت غير يقيني ۽ بدلجندڙ آهي، جيڪا پهرين ئي غير مستحڪم عالمي معاشي ماحول ۾ وڌيڪ پيچيدگي پيدا ڪري رهي آهي. ان مرحلي تي خطي ۽ عالمي معيشت تي ان جي معاشي اثرن جو درست اندازو لڳائڻ وقت کان اڳ آهي ۽ اهي اثر تڪرار جي دائري ڪار ۽ مدت تي ٻَڌل هوندا. ترجمان ٻُڌايو ته اپريل ۾ شايع ٿيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ ۾ ان حوالي سان جامع جائزو پيش ڪيو ويندو.











