ٻارن جي مستقبل جي تحفظ ۽ تعليمي حقن لاءِ تڪرارن کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون موجب حل ڪيو وڃي: پاڪستان

گڏيل قومون -03 مارچ (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته ٻارن ۽ انهن جي تعليم جي حق جي تحفظ جو سڀ کان موثر طريقو اهو آهي ته سنگين تڪرارن کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون موجب حل ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان …

گڏيل قومون -03 مارچ (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته ٻارن ۽ انهن جي تعليم جي حق جي تحفظ جو سڀ کان موثر طريقو اهو آهي ته سنگين تڪرارن کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون موجب حل ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي تاريخي اجلاس ۾ تڪرارن ۾ ٻارن، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي موضوع تي بحث دوران ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا جي تڪرارن جي ور چڙهيل علائقن سميت والاريل فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ لکين ٻار  ڪلاس روم ۽ پرسڪون ماحول بدران افراتفري جي صورتحال ۾  پلجي رهيا آهن. هن چيو ته انهن علائقن ۾ اسڪول تباهه يا نقصان جو شڪار ٿي چڪا آهن يا انهن کي عسڪري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، استاد بي گهر  ۽ ڊجيٽل نيٽ ورڪس متاثر ٿي چڪا آهن. پاڪستاني نمائندي  چيو تهت عليمي نظام جيڪو اڳ ئي ڪمزور هو هاڻي تباهي جي چائٺ تي  پهچي چڪو آهي. هن چيو ته جيسائين تڪرار جاري رهن اسان جي زميواري آهي ته ڪنهن به ٻار جو مستقبل انهن حالتن جي ور چڙهڻ نه ڏيون جيڪي ان جي وس کان ٻاهر آهن. اهو اجلاس آمريڪا جي درخواست تي منعقد ٿيو جنهن کي مارچ ۾ سلامتي ڪائونسل  جي صدارت ڪرڻي آهي. اجلاس اهڙين غير معمولي حالتن ۾ ٿيو جڏهن وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي ۽ سمورين ڌرين  کي تحمل جي اپيل ڪئي پئي وڃي، سلامتي ڪائونسل جنگ سٽيل علائقن ۾ ٻارن کي درپيش بحران تي ڌيان ڏئي. پاڪستاني نمائندي امريڪي خاتون اول جي قدمن فوسٽرنگ دي فيوچر ٽو گيدر انيشيٽو جي آجيان ڪئي جنهن جو مقصد تعليم، جدت ۽ تيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ذريعي ٻارن جي ڀلائي لاءِ عالمي اتحاد قائم ڪرڻ آهي. ه چيو ته پاڪستان ان انيشيٽو ۾ شامل ٿيڻ تي خوش آهي. هن چيو ته مسئلو رڳو جدت ۽ ٽيڪنالاجي جو ناهي پر انساني وقار جي تحفظ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جو آهي ته تڪرار ڪنهن پوري نسل جو مستقبل نه کسي وٺن. هن نشاندهي ڪئي ته تڪرارن ۾ تعليم جو نقصان رڳو اتفاق ناهي پر اڪثر منظم نوعيت جو هوندو آهي جو صدمي کي وڌائي و ۽ تڪرارن جي چڪر کي جاري رکي ٿو ، جڏهن ته تعليم ڊگهي عرصي تائين معطل رهي ٿي ته ان جا اثر نسلن تائين ڦهلجي وڃن ٿا. هن چيو ته تعليم رڳو هڪ خدمت ناهي پر استحڪام ۽ تحفظ جو ذريعو آهي، جڏهن تعليم  کان محرومي ٿئي ته ٻار استحصال، اسمگلنگ ۽ انتهاپسندي جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا جڏهن ته محفوظ تعليم لچڪ، تنقيدي سوچ ۽ اميد کي هٿي ڏئي ٿي. پاڪستاني نمائندي چيو ته تڪرارن جي ماحول ۾ ٽيڪنالاجي جو موثر استعمال هڪ ڍال ۽ هڪ پل ٻنهي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جيڪو ٻارن کي تحفط، تعليم ۽ ترقي جو حق ڏيارڻ سان  گڏوگڏ لچڪ، وقار ۽ پائيدار امن جي قيام  ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.