بيجنگ-03 مارچ (اي پي پي) چين ايران جي دفاع جي حق جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ايران جي هم منصب عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهين دوران چئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري دوستي آهي، چين ايران جي خودمختياري جي حق ۽ پنهنجي علائقائي …
ايران جي دفاع جي حق جا حامي آهيون، آمريڪا ۽ اسرائيل علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪن: چين
بيجنگ-03 مارچ (اي پي پي) چين ايران جي دفاع جي حق جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ايران جي هم منصب عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهين دوران چئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري دوستي آهي، چين ايران جي خودمختياري جي حق ۽ پنهنجي علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ ڪيل ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. سندس چوڻ هيو ته چين ايران جي قومي وقار ۽ پنهنجي جائز مفادن جي تحفظ لاءِ موقف جو به حامي آهي. پرڏيهي وزير وانگ يي زور ڀريندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ کي روڪين ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪن ڇو ته صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. اها جنگ وچ اوڀر ۾ پکڙجندي نظر اچي رهي آهي.











