ماسڪو - 03 مارچ (اي پي پي) روس جي اڳوڻي صدر دمتري ميدويديف خبردار ڪيو آھي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون مختلف ملڪن ۾ رجيم چينج جون ڪارروايون ٽئين عالمي جنگ کي شروع ڪري سگھن ٿيون. پرڏيھي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ دمتري ميدويديف جيڪو ھن وقت روس جي سلامتي ڪائونسل جو نائب چيئرمين آھي، کان سوال ڪيو ويو ته ڇا ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي چڪي آھي، ھن …
آمريڪي صدر پاران مختلف ملڪن ۾ رجيم چينج جون ڪارروايون ٽئين عالمي جنگ شروع ڪري سگھن ٿيون: روس جو اڳوڻو صدر
ماسڪو – 03 مارچ (اي پي پي) روس جي اڳوڻي صدر دمتري ميدويديف خبردار ڪيو آھي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون مختلف ملڪن ۾ رجيم چينج جون ڪارروايون ٽئين عالمي جنگ کي شروع ڪري سگھن ٿيون. پرڏيھي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ دمتري ميدويديف جيڪو ھن وقت روس جي سلامتي ڪائونسل جو نائب چيئرمين آھي، کان سوال ڪيو ويو ته ڇا ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي چڪي آھي، ھن چيو ته فني طور ٽئين عالمي جنگ شروع ناھي ٿي پر جيڪڏھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف ملڪن ۾ حڪومت جي تبديلي جي ڏوھاري ۽ پاگل پن تي ٻڌل روش جاري رکي ٿو، ته جنگ شروع ٿي ويندي ۽ موجوده صورتحال ۾ ڪو به وقعو ان جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ھن چيو ته ايران تي حملو آمريڪا ۽ ان جي اتحادين طرفان ”عالمي تسلط برقرار رکڻ لاءِ ”ھڪ وسيع جنگ جو حصو آھي. دمتري ميدويديف مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي قتل ڪري سمورن آمريڪين کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي ۽ ھڪ سنگين غلطي ڪئي آھي. ھن چيو ته ان جي موت کانپوءِ ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ايران ايٽمي ھٿيار تيار ڪرڻ جون ڪوششون وڌائي ڇڏيندو. ھن کان پڇيو ويو ته ڇا ايران جنگ ۽ پنھنجي اڳواڻن جي قتل کي برداشت ڪري سگھي ٿو، ھن ان سوال جي جواب ۾ چيو ته نئين سر تعمير جو خرچ وڌيڪ ھوندو، پر ايران ان ۾ ڪامياب ٿيندو ڇو ته ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ درجي جي سماجي استحڪام جي ضرورت آھي ۽ آمريڪين ان کي اھو استحڪام فراھم ڪري ڇڏيو آھي. ھن کان سوال پڇيو ويو ته ايران جيان ھڪ ڏينھن ڳالھين دوران روس تي به حملو ٿي سگھي ٿو، اڳوڻي صدر ان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ان ڳالھه جي رڳو ھڪ ضمانت آھي ته ائين نه ٿيندو ۽ اھو، ائين آھي ته آمريڪا روس کان ڊڄي ٿو ۽ ان کي ايٽمي جنگ جي قيمت بابت چڱيءَ طرح خبر آھي.











