ٻٽي معيار جو مظاھرو سلامتي ڪائونسل جي ساک کي نقصان پھچائيندو: ايران

گڏيل قومون - 03 مارچ (اي پي پي) ايران تي آمريڪي حملي جي معاملي ۾ ٻٽي معيار جو مظاھرو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ساک کي نقصان پھچائيندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه گذريل ڏينھن گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي چئي. ھن چيو ته عالمي برادري آڏو سوال اھو آھي ڇا ڪا طاقتور رياست گڏيل قومن جي ھڪ خودمختيار ميمبر ملڪ تي ڇوٽ سان حملو ڪري سگھي …

گڏيل قومون – 03 مارچ (اي پي پي) ايران تي آمريڪي حملي جي معاملي ۾ ٻٽي معيار جو مظاھرو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ساک کي نقصان پھچائيندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه گذريل ڏينھن گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي چئي. ھن چيو ته عالمي برادري آڏو سوال اھو آھي ڇا ڪا طاقتور رياست گڏيل قومن جي ھڪ خودمختيار ميمبر ملڪ تي ڇوٽ سان حملو ڪري سگھي ٿي؟ جيڪڏھن جواب ھا ۾ آھي ته پوءِ گڏيل قومن جو چارٽر بي معنيٰ آھي. جيڪڏھن جواب نه ۾ آھي ته ان جارحيت جي مذمت ڪرڻ گھرجي ۽ ان کي روڪڻ گھرجي. ھن چيو ته ٻٽو معيار سلامتي ڪائونسل جي ساک کي تباھه ڪري ڇڏيندو. ھن چيو ته خاموشي وڌيڪ قانون جي ڇڃڪڙي جي حوصله افزائي ڪندي آهي. ايراني نمائندي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي ملڪ جي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته ايران نه جنگ چاھي ٿو ۽ نه ئي ان ۾ توسيع چاھي ٿو، جڏھن ته ھو پنھنجي خودمختياري کان ھٿ نه کڻندو.