سعودي ولي عهد سان روس ۽ سوئٽزرلينڊ جي صدرن جو رابطو

رياض-3 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق رابطي دوران خطي جي صورتحال ، خطرناڪ فوجي ڇڪتاڻ، علائقائي ۽ عالمي سلامتي تي ان جي اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن تي ٿيل ايران جي حملن تي به …

رياض-3 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق رابطي دوران خطي جي صورتحال ، خطرناڪ فوجي ڇڪتاڻ، علائقائي ۽ عالمي سلامتي تي ان جي اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن تي ٿيل ايران جي حملن تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه سعودي ولي عهد سان سوئٽزرلينڊ جي صدر به رابطو ڪيو. خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سوئيٽزرلينڊ جي صدر سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مملڪت جي خودمختياري جي دفاع ۽ ان جي سلامتي کي برقرار رکڻ جي حوالي سان سمورن قدمن جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو.