واشنگٽن - 3 مارچ (اي پي پي) آمريڪا پنهنجن شهرين کي وچ اوڀر کي فوري طور ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي وچ اوڀر ۾ سنگين سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پنهنجن شهرين کي فوري طورتي لاڳاپيل ملڪن کان روانو ٿيڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي . پرڏيهي کاتي جي قونصلر معاملن بابت اسسٽنٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ …
آمريڪا پاران سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجن شهرين کي وچ اوڀر فوري طور ڇڏڻ جي هدايت
واشنگٽن – 3 مارچ (اي پي پي) آمريڪا پنهنجن شهرين کي وچ اوڀر کي فوري طور ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي وچ اوڀر ۾ سنگين سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پنهنجن شهرين کي فوري طورتي لاڳاپيل ملڪن کان روانو ٿيڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي . پرڏيهي کاتي جي قونصلر معاملن بابت اسسٽنٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي شهري دستياب ڪمرشل اڏامن ذريعي فوري طور تي انهن ملڪن مان نڪري وڃن جتي سيڪيورٽي خطرا درپيش آهن. پرڏيهي کاتي مطابق خطري کي منهن ڏيندڙ هنڌن ۾ بحرين ، عراق ، ايران ، مصر ، اسرائيل ، اولهندو ڪنارو، غزه، ڪويت، لبنان، اومان، قطر، سعودي عرب، شام، يمن ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن.











