واشنگٽن-02 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ڪويت ۾ 3 آمريڪي جهازن جي دوستاڻي فائرنگ ۾ تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ذريعن موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ طرفان جاري بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته 3 آمريڪي ايف-15 اي اسٽرائيڪ ايگل ويڙهاڪ جهاز ڪويت ۾ دوستاڻي فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ تباهه ٿي ويا. اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن آپريشن ايپڪ فيوري دوران ايراني جهازن، بيلسٽڪ ميزائلن ۽ …
آمريڪا، ڪويت ۾ 3 آمريڪي جهازن جي دوستاڻي فائرنگ ۾ تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي
واشنگٽن-02 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ڪويت ۾ 3 آمريڪي جهازن جي دوستاڻي فائرنگ ۾ تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ذريعن موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ طرفان جاري بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته 3 آمريڪي ايف-15 اي اسٽرائيڪ ايگل ويڙهاڪ جهاز ڪويت ۾ دوستاڻي فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ تباهه ٿي ويا. اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن آپريشن ايپڪ فيوري دوران ايراني جهازن، بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز جي حملن دوران ڪويتي فضائي دفاع غلطيءَ سان آمريڪي جهازن کي نشانو بڻائي ڇڏيو. بيان موجب سمورن 6 فضائي اهلڪارن وقت سر ايجيڪٽ ڪيو، جن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي حالت مستحڪم آهي.











