آيت الله علي خامنه اي جي شھادت تي ڪارگل ۾ احتجاجي مظاھرا

ڪارگل-02 مارچ (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شھادت تي لداخ خطي جي علائقي ڪارگل ۾ به غم جي لھر ڇائنجي وئي، ھزارين ماڻھو روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاھرا ڪيا ۽ خصوصي تعزيتي مجلسون منعقد ڪيون ويون. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خطي ۾ مختلف علائقن ۾ مسجدن ۽ امام بارگاھن ٻاھران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، جن ۾ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. …

ڪارگل-02 مارچ (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شھادت تي لداخ خطي جي علائقي ڪارگل ۾ به غم جي لھر ڇائنجي وئي، ھزارين ماڻھو روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاھرا ڪيا ۽ خصوصي تعزيتي مجلسون منعقد ڪيون ويون. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خطي ۾ مختلف علائقن ۾ مسجدن ۽ امام بارگاھن ٻاھران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، جن ۾ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. ماڻھو وڏي انگ ۾ جمع ٿيا ۽ ايراني اڳواڻ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو. امام خميني ميموريل ٽرسٽ ۽ جمعيت العماء اسنا الشعريه ڪارگل حسيني پارڪ ۽ انقلاب منزل کي ڪارن بينرن ۾ ويڙهي ماتمي تقريبن جي شروعات ڪئي. ھڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ شيخ محمد حسين لطفي ۽ شيخ محمد محقق شھيد اڳواڻ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي کيس ھڪ پائيدار نظرياتي تحريڪ قرار ڏنو. مرڪزي تعزيتي مجلس ۾ مذھبي ۽ ڪميونٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. الحاج اصغر علي ڪربلائي 7 ڏينھن سوڳ ۽ ٻن ڏينھن تائين جلسا ۽ جلوس جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. جامع مسجد ڪارگل ۾ چاليھه ڏينھن تائين تعزيتي اجتماع منعقد ڪيا ويندا. اي