سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو بلوچ ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي پيغام

ڪراچي-02 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچ ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا خاص طور سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ برادري کي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته بلوچ ثقافت پاڪستان جو قيمتي سرمايو ۽ قومي يڪجهتي جي علامت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ اسان جي گڏيل تاريخ، تهذيب ۽ سڃاڻپ …

ڪراچي-02 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچ ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا خاص طور سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ برادري کي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته بلوچ ثقافت پاڪستان جو قيمتي سرمايو ۽ قومي يڪجهتي جي علامت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ اسان جي گڏيل تاريخ، تهذيب ۽ سڃاڻپ جو فخر جوڳو حصو آهن. هن چيو ته پنهنجي ٻولي، روايتن ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ سان قومون پنهنجي سڃاڻپ کي مضبوط بڻائين ٿيون. هن بلوچ روايتن کي بهادري، غيرت ۽ وفاداري جو روشن مثال قرار ڏيندي چيو ته اهي قدر اسان جي گڏيل سڃاڻپ کي وڌيڪ سگهارو بڻائين ٿا. وڏي وزير زور ڀريندي چيو تھ سماج ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي واڌاري لاءِ مثبت ثقافتي سرگرمين کي ھٿي ڏيڻ لازمي آهي. هن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ پُرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ هر ممڪن اپاءَ ورتا ويندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ان عزم کي ورجائيندي چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورين برادرين جي ثقافتي حقن جو مڪمل احترام ڪيو ويندو.