دفاع جو حق حاصل آهي، مزاحمت جاري رکنداسين: ايران جو پرڏيهي وزير

تهران-02 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته ان کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي ۽ ويڙهه جاري رهندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته ايران کي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جاري وڏي پيماني جي فضائي حملن خلاف پنهنجي دفاع ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي ۽ هو مزاحمت جاري رکندو. هن جو چوڻ …

تهران-02 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته ان کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي ۽ ويڙهه جاري رهندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته ايران کي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جاري وڏي پيماني جي فضائي حملن خلاف پنهنجي دفاع ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي ۽ هو مزاحمت جاري رکندو. هن جو چوڻ هو ته ڪنهن به ملڪ جي اڳواڻ کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ايران کي جوابي ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ جو چوي. اسان پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي پنهنجي عوام جي تحفط لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق حا صل آهي.