يورپي يونين پاران ايران ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار، سمورين ڌرين کي تحمل جي اپيل

برسلز-02 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين ايران ۽ وچ اوڀر ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. اها ڳالهه يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي شعبي جي سربراهه ڪاياڪالاس هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته خطي ۾ ڪنهن به ڊگهي جنگ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن شهرين جي تحفظ، گڏيل …

برسلز-02 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين ايران ۽ وچ اوڀر ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. اها ڳالهه يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي شعبي جي سربراهه ڪاياڪالاس هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته خطي ۾ ڪنهن به ڊگهي جنگ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن شهرين جي تحفظ، گڏيل قومن جي منشور  ۽ عالمي انساني قانون جي مڪمل احترام تي زور ڀريو. هن جو چوڻ هو ته يورپي يونين ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پائيدار حل  ڳولڻ ۾ سفارتي ڪوششون جاري رکندي. هن ايران تي زور ڀريو ته هو ايٽمي توانائي بابت عالمي اداري (آءِ اي اي اي) سان سهڪار ڪري.