وچ اوڀر ۾ هڪ لک 15 هزار شهري ڦاسي چڪا آهن، صورتحال ۾ بهتري جو انتظار آهي: آسٽريليا

ڪينبرا-02 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي ح،لن بعد خطي ۾ اڏامن جي رد ٿيڻ سبب اٽڪل هڪ لک 15 هزار آسٽريلوي شهري هن وقت وچ اوڀر ۾ ڦاٿا پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وونگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت واپاري اڏامن جي بحالي بابت معلومات جو انتظار ڪري رهي آهي …

ڪينبرا-02 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي ح،لن بعد خطي ۾ اڏامن جي رد ٿيڻ سبب اٽڪل هڪ لک 15 هزار آسٽريلوي شهري هن وقت وچ اوڀر ۾ ڦاٿا پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وونگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت واپاري اڏامن جي بحالي بابت معلومات جو انتظار ڪري رهي آهي جن کانپوءِ ئي ڦاٿل شهرين جي واپسي لاءِ خاص اڏامن جو فيصلو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ شهرين جي جلدي واپسي ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي جيڪڏهن سندن ڪمرشل اڏامن ذريعي سفر جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت شهرين کي بحرين، ايران، عراق، اسرائيل، ڪويت، لبنان، فلسطين، قطر، شام گڏيل عرب امارات ۽ يمن جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان کان علاوه اردن، عمان ۽ سعودي عرب جي سفر تي نظر ثاني جي تجويز به ڏني آهي. هن جو چوڻ هو تهوچ اوڀر ۾ موجود آسٽريلوي شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو حالتن ۽ مقامي ميڊيا تي نظر رکن، پنهنجن اڏامن جي تصديق سڌي ريت ايئيلائن ايڊوائزري يا ٽريول ايجنٽ کان ڪن، سفري انشورنس جو جائزو وٺن ۽ تازي معلومات لاءِ پرڏيهي ۽ واپاري معاملن واري آفيس سان رابطي ۾ رهن.